ڇڙ/ ڇنڊ

ڇڙ/ ڇنڊ: ڇڙ/ ڇنڊ نج ٻهراڙيءَ ۾ ڪڻڪ يا سارين جي اَنَ کي صاف ڪرڻ جو هڪ طريقو آهي. ٻهراڙيءَ جون عورتون ڪڻڪ جي اَنُ توڙي چانورن مان تُههُ، ڪک، پٿر، ڀتر وغيره ڪڍڻ لاءِ سر جي تيلين مان ٺهيل ڇڄ يا اُکريءَ ۾ ان وجهي، ڪُٽي پوءِ ڇنڊينديون آهن. اَنَ جي ڇڙ/ڇنڊ لاءِ ڇڄ يا ڪونڊي سميت اکريءَ يا ننگهه کي به ڪتب آندو ويندو آهي. ڇڙ/ ڇنڊ سان واپرائجندڙ اناج صاف سُٿرو ٿيندو آهي، جنهن مان مٽي وغيره نڪري وڃڻ سبب بيمارين پيدا ٿيڻ جو انديشو به گهٽجي ويندو آهي. اڄڪلهه ان کي صاف ڪرڻ لاءِ مشينن جو به استعمال ٿئي ٿو.


لفظ ڇڙ/ ڇنڊھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو